لطف علي دَل

لطف علي دَل : مشهور صحافي، پبلشر ۽ روزاني ’خادم وطن‘ ۽ روزاني ’هلال پاڪستان‘ جو ايڊيٽر سردار لطف علي دل ولد دوست محمد دل، ٿـرپـارڪـر جـو رهـواسـي هو. ننڍڙو ئي هو ته سندس والد وفات ڪري ويو، جنهن سبب ڪجهه درجا سنڌيءَ جا پڙهڻ کانسواءِ وڌيڪ پڙهي نه سگھيو. لطف علي دل لڳاتار اڻٿڪ محنت سان ٿورڙي وقت ۾ صحافتي ميدان ۾ پـاڻ مـڃـائـي ورتـو. ميـرپورخـاص ۾ ’زميندار پرنٽنگ پريس‘ قائم ڪري ’ٿـر گـزيـٽ‘ جـي نـالـي سان هفتيوار اخبار جاري ڪيائين، جنهن دوران حاجي احمد علي ’مجذوب‘ هن اخبار جي سلسلي ۾ سندس ڪافي مدد ڪئي. ڪجهه وقت کانپوءِ ميرپورخاص مان هڪ ٻي سنڌي اخبار ’خادم وطن‘ جاري ڪيائين. بعد ۾ حيدرآباد ۾ پريس قائم ڪري اخبار اُتان ڪڍندو رهيو. ان بعد پنهنجي ادارت هيٺ هلال پاڪستان اخبار به جاري ڪيائين. اهو دؤر حيدرآباد ۾ اخبارن جي عروج جو دؤر هو. هن مسلسل محنت سان ٻنهي اخبارن کي ڪافي عرصو هلايو. سندس ادارت هيٺ نڪرندڙ روزاني هـلال پـاڪستان ۽ خادم وطن ان وقـت جـون مڃيل اخبارون هـيـون. سـردار لـطـف عـلـي دل پنهـنجـي قبيلـي جو سردار پڻ هو. پنهـنجـي قـبيـلـي جا سمورا فيصلا وٽس ٿيندا هئا. ان دوران هن غريبن جي ڪافي مدد ڪئي. نوجوانيءَ کان وٺي سلهه جي موذي مرض ۾ ورتل رهيو، جنهنڪري سندس هڪ ڦڦڙ ختم ٿي ويو هو. آخر ۾ سندس جسم جو هيٺيون ڌڙ ڪم ڪرڻ ڇڏي ويو. سندس علاج لاءِ ان وقت جي وزيراعظم پاڪستان محمد خان جوڻيجي کيس سرڪاري خرچ تي ٻاهر علاج لاءِ موڪلڻ جو اعلان به ڪيو هو، پر عمل ٿي نه سگھيو ۽ سنڌ جو هي نامور صحافي 26 نومبر 1988ع تي وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1988.11.26  عيسوي

سنڌ جي نامور صحافي سردار لطف علي دل 26 نومبر 1988ع تي وفات ڪري ويو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خواجه محمد شريف طوسي
پروانونور محمد
امين ارباب
زيب النساءَ حميدالله
الهورايو بوزدار
در محمد ڪمال
اعجاز عليم عقيلي
اي بي راجپوت
امداد سومرو
تيرٿ گوبندرام سڀاڻي
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون